شادي خان چانڊيو

شادي خان چانڊيو : شادي خان ولد سالار خان چانڊيو ٽالپرن جي دور ۾ سڪرنڊ واري علائقي جو مشهور زميندار ۽ هلندي چلنديءَ وارو شخص ٿي گذريو آهي. پاڻ مير سهراب خان ٽالپر (والي خيرپور) جو درٻاري پڻ ٿي رهيو. محرم 1205هه/ 1790ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه تعلقي سڪرنڊ ۾ سندس نالي پويان قائم ٿيل ڳوٺ جي ڀر ۾ راهو رتول قبرستان ۾ آهي. سندس مزار مٿان عاليشان مقبرو جڙيل آهي، جنهن جي ڊيگهه ۽ ويڪر 17 x 17 فوٽ ۽ اوچائي 26 فوٽ آهي. اڏاوت ۾ پڪيون سرون ۽ گچ گارو استعمال ٿيل آهي. ديوارن تي چن ۽ سڻيءَ جو ليپو ڏنل آهن. گنبذ ابتي گول پيالي وانگر آهي، مرمت نه ٿيڻ ڪري مقبري جي حالت زبون آهي. مقبري ۾ ساڻس گڏ سندس گهرواري پڻ دفن ٿيل آهي. ٻنهي قبرن تي ڪو به ڪتبو وغيره لڳل ڪونهي.


لفظ شادي خان چانڊيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو